عيد شاپنگ لاءِ ويندڙ پيءُ پٽ جي اغوا جي مذمت

عيد شاپنگ لاءِ ويندڙ پيءُ پٽ جي اغوا جي مذمت

حيدرآباد (پ ر) گهوٽڪي ۾ عيد خريداري لاءِ نڪتل اقبال مگسي کي سندس معصوم پٽ سميت اغوا ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، نائب صدر حورالنساء پليجو، ليگل سيڪريٽري مير بشير ٽالپر، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ آصف کوسو ۽ هميرو مل پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ بدامني ۽ لاقانونيت ايتري ته وڌي وئي آهي جو ماڻهو گهران شهرن لاءِ نڪرن ٿا ته رستن تان اغوا ٿيو وڃن. سنڌ حڪومت بدامني لاقانونيت جو خاتمو ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي عوام کان عيد جون خوشيون کسي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. مهانگائي جي ڪري غريب ۽ پورهيت ماڻهو روز مره استعمال ۾ ايندڙ شيون به خريد نٿو ڪري سگهي. عيد جي موقعي تي عوام کي رليف ڏيڻ بدران ويتر هٿرادو مهانگائي وڌائي عوام کان عيد جون خوشيون به کسيون ويون آهن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته هڪڙي پاسي ڏوهارين کي ڇوٽ ڏني وئي آهي ته ٻي طرف ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪري غريب ۽ پورهيت عوام عيد جي ڀلاري ڏهاڙي تي به بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو