عيد تي مسجدن ۽ عيدگاهن جي سيڪورٽي سخت ڪريو

عيد تي مسجدن ۽ عيدگاهن جي سيڪورٽي سخت ڪريو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته عيد الفطر جي موقعي تي سمورن مسجدن ۽ عيد گاهن جي چوڌاري سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا وڃن. عيد الفطر جي انتظامن بابت پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ سمورن مسجدن ۽ عيدگاهن جي چوڌاري صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي. صوبائي وزير واٽر بورڊ کي هدايت ڪندي چيو ته واٽر سپلاءِ ۽ نيڪال لاءِ خاص اپاءَ ورتا وڃن جڏهن ته سمورن گٽرن مٿان ڍڪڻ وڌا وڃن. سموريون ڊي ايم سيز خاص طور تي عيد گاهه جي هنڌن تي چوني جو ڇٽڪارو ۽ ٻين معاملن جي خاص نگراني ڪندي سمورن ضروري قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ کي خاص هدايتون ڏنيون ته مرڪزي عيد گاهه جي ڀرپاسن کان ڪچري جي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عيد نماز لاءِ ايندڙن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو