عيد الفطر جي نماز ادا، صدر ۽ وزيراعظم پاران مبارڪون

عيد الفطر جي نماز ادا، صدر ۽ وزيراعظم پاران مبارڪون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سڄي ملڪ ۾ عيد الفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. ان موقعي تي ملڪي جي ترقي ۽ سلامتي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون. صدر عارف علوي فيصل مسجد ۾ نماز پڙهي، عمران خان بني گالا، وزيراعظم شهباز شريف لاهور، آصف علي زرداري نوابشاهه،  بلاول ڀٽو دبئي ۾ ڀينرن سان۽ سنڌ جي وڏي وزير ڳڙهي خدا بخش ۾ عيد ملهائي. عيد الفطر جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف سڄي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيد الفطر جون خوشيون ملهائيندي ضرورتمندن جو خاص خيال رکيووڃي. پنهنجي پيغام ۾ هنن چيو ته صبر، ايثار ۽ قربانيءَ جو مقدس مهينو جنهن اسان کي ٻين جي تڪليفن جو احساس ڏياريو آهي، اسان کي گهرجي ته عيد الفطر ملهائڻ وقت ضرورتمندن جو خاص خيال رکون.

پهنجو تبصرو موڪليو