عيدالفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عيدالفطرجو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس 12  مئي تي طلب ڪري ورتو آهي.چيئرمين رويت هلال ڪميٽي مولانا عبدالخبير آزاد جو چوڻ آهي ته ڪميٽي جو اجلاس 12 مئي تي اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي.مولانا عبدالخبير آزاد ٻڌايو ته زونل ڪميٽين جا اجلاس صوبائي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ٿيندا. عيدالفطر جي چنڊ لاءِ سموري ملڪ مان شهادتون گڏ ڪيون وينديون. چيئرمين رويت هلال ڪميٽي جو چوڻ آهي ته عيدالفطر جو اعلان شهادتن موجب ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو