ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سياست ۽ چونڊن جي عمل ۾ عورتن جي ڪردار کي وڌيڪ اثرائتو ۽ بامقصد بڻائڻ لاءِ سنڌ جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي وومين پارلياماني ڪاڪس پاران چونڊ سڌارن جي موضوع تي اجلاس ٿيو. اجلاس سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ گڏيل قومن جي اداري عورتن جي تنظيم ۽ آر اين ڊي پي جي سهڪار سان ٿيو. جنهن ۾ وقتي اسپيڪر ۽ پيٽرن ان چيف وومين پارلياماني ڪاڪس سنڌ اسيمبلي ريحانه لغاري، سينيٽر روبينا خالد، ميمبر قومي اسيمبلي ۽ سيڪريٽري وومين پارلياماني ڪاڪس قومي اسيمبلي ڊاڪٽر شاهده رحماني، ميمبر قومي اسيمبلي نفيسه شاهه، نزهت پٺاڻ، مسلم ليگ ن جي قومي اسيمبلي جي ميمبر مهناز اڪبرعزيز، طاهره اورنگزيب، جي يو آءِ (ف) جي قومي اسيمبلي ميمبر شاهده اختر علي، سنڌ اسيمبلي جي عورت ميمبر ۽ وومين پارلياماني ڪاڪس جي هيرسوهو، سعديه جاويد، نداکهوڙو، شرميلا فاروقي، تنزيله ام حبيبه، غزاله سيال، منگلا شرما. ، ثروت فاطمه، شاهينه شير علي، شازيه ڪريم ۽ شميم ممتاز پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ جاويد اقبال، ڊپٽي ڊائريڪٽر نادرا سيد عزيزون شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪپل ديو، حسن حڪيم، يو اين ڊي پي جي نمائندي امبر سيد، جڏهن ته يو اين ڊي پي جي چيف ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر ميري ڪمنس چونڊ سڌارن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري چيو ته عورتن بابت چونڊ قانونن ۾ سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي. عورت ميمبر به جنرل سيٽن تي چونڊون وڙهڻ چاهين ٿيون، ان ڪري انهن لاءِ قانونن ۾ ترميم ڪئي وڃي ۽ سياسي پارٽين کي به گهرجي ته عورتن کي عام سيٽن تي اليڪشن وڙهڻ لاءِ ٽڪيٽون ڏين. اجلاس کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي ميمبر شاهده رحماني چيو ته اڄوڪي اجلاس جو مقصد عورتن بابت چونڊ قانونن ۾ سڌارن بابت سفارشون پيش ڪرڻ آهي. قومي اسيمبليءَ جي وومين پارلياماني ڪاڪس جي سهڪار سان ملڪ جي ٻين اسيمبلين ۾ به اهڙا اجلاس منعقد ڪيا ويندا. عورت ميمبرن چونڊ سڌارن بابت پنهنجون تجويزون ڏنيون. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ميمبر نفيسه شاهه چيو ته اسيمبلين ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪاروبار عورت ميمبرن جو هوندو آهي. عورتون چونڊن سميت سماج جي هر ترقياتي عمل ۾ حصو وٺڻ چاهين ٿيون ۽ هر شعبي ۾ شاندار ڪم ڪيو آهي. هن تجويز ڏني ته اليڪشن قانون ۾ ترميم ڪري عورتن جي 5 سيڪڙو ڪوٽا کي وڌائي 10 سيڪڙو ڪيو وڃي جڏهن ته عورتن جي ٽرن آئوٽ بابت قانون ۾ ترميم ڪري 10 سيڪڙو مان وڌائي 20 سيڪڙو ڪيو وڃي. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شرميلا فاروقي چيو ته پولنگ اسٽيشنن تي پروٽوڪريٽ خاص ڪري عورتن جي غلط رجسٽريشن وڏو مسئلو آهي. عورت ووٽرن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ هڪ پولنگ اسٽيشن کان ٻئي پولنگ اسٽيشن تائين ڀڄڻو پوندو آهي. جڏهن ته جي يو آءِ (ف) جي ميمبر قومي اسيمبلي شاهده اختر علي چيو آهي ته عورتن جو شناختي ڪارڊ نه هجڻ وڏو مسئلو آهي. اسان عورتن کي شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۽ ووٽ ڏيڻ لاءِ گهر گهر وڃي راضي ڪري رهيا آهيون. پر نادرا جي طرفان آفيسن جي ڪمن ۾ غير ضروري دير ۽ مسئلن سبب شهري در بدر ڀٽڪڻ تي مجبور آهن. ان موقعي تي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر منگلا شرما چيو ته چونڊ قانون ۾ ترميم ڪري اقليتن جي سيٽن ۾ واڌ ڪئي وڃي ۽ اقليتن کي به سياسي عمل ۾ هر شهري جيترو حصو ملڻ گهرجي. ان موقعي تي عورت ميمبرن مطالبو ڪيو ته عورت ميمبرن جا چونڊ خرچ ختم ڪري کين سهولتون فراهم ڪيون وڃن.










