نوشهروفيروز(ن س)پڊعيدن ٽائون جي رھواسڻ فيروز ممتاز شبانا راڄپر پنھنجي معصوم ٻارڙن سميت پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ احتجاج ڪندي الزام ھڻندي چيو ته عبدالڪريم قيوم عبدالرحيم احسان اسان جي مردن شاھد ۽ ٻين تي ڪوڙا ڪيس پڊعيدن ٿاڻي تي داخل ڪرايا آھن ھاڻي رات جي وقت نشو ڪري اسان جي گھرن ۾ گھڙي اسان عورتن تي تشدد ڪن ٿا اسان جي ڪيربه مدد ڪرڻ لاء تيار ناھن اسان غريب ماڻھو ۽ ھو ڏوھاري قسم جا ماڻھو آھن اسانکي ء اسانجي مردن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ٿا چاھين ان لاءِ اسين شيشن جج ۽ ايس پي نوشهروفيروز کي اپيل ڪيون ٿا ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي










