دادو(ن سنڌيار)دادو ۾ بيواھ کي 4 لک روپين عيوض مبينا طور پيرسن سان شادي ڪرائڻ واري عمل خلاف بيواھ دادو پريس ڪلب پهچي وئي والد ۽ ڀائرن خلاف احتجاج ڪندي روئي ڏنو، بيواھ فاطمه زال مرحوم عاشق چانڊيو پنهنجي ٻن معصوم پٽن سان دادو پريس ڪلب ۾ پيءُ عبدالمجيد ۽ ڀاءُ نثار ميراثي خلاف دانھيو تہ مڙس وين جو ڊرائيور هو 6 مهينا اڳ حادثي ۾ فوت ٿي ويو آھي،مون کي ٻن پٽن جو اولاد آھي ڀاءُ ۽ پيءُ 4 لک روپين ۾ پيرسن سان زبردستي شادي ڪرائي رهيا آھن شادي ڪرڻ کان انڪار تي والد ۽ ڀائرن تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آھي، مونکي مارڻ چاھين ٿا عورت انساني ُحقن جي تنظيمن ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي آھي تہ مونکي ٻارن سميت تحفظ ڏنو وڃي،










