پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ هڪ وڪيل کي توهين عدالت جي ڪيس ۾ هڪ عورت سول جج جي خلاف توهين آميز رويي جي الزام ۾ 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي آهي.جسٽس اعجاز انور ضلعي بار ايسوسيئيشن سوات جي ميمبر اسد الله کي سزا ٻڌائي.عدالت چيو ته جوابدار وڪيل سول جج کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ نامناسب ٻولي استعمال ڪئي. وڪيل تي الزام آهي ته هن تي هڪ سازگار فيصلو وٺڻ لاءِ دٻاءُ به وڌو.عدالت چيو ته غير اطمينان بخش جوابن ۽ عدالتي حڪمن جي باوجود پيش نه ٿيڻ تي سزا ٻڌائي وئي.










