عورتاڻي آواز تي هرکجي 2 نوجوان اغوا، وارث پريشان

عورتاڻي آواز تي هرکجي 2 نوجوان اغوا، وارث پريشان

ٺل(عبدالنبي شيخ) رحيم آباد واري علائقي جو رهواسي عاقب دايو ۽ عودي ڳوٺ واسي وقار شيخ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويا آهن.مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته مغوين جو ساڻن فون تي رابطو ٿيو آهي ٻئي دانهون ڪري رهيا هئا ڌاڙيل مٿن تشدد ڪري رهيا آهن ته جلد اسان جي جان ڇڏايو جنهن کان پوءِ سندن موبائل فون بند ٿي ويون آهن. هنن چيو ته پوليس جي روايتي سستي سبب بااثر شخصيتن کي به چيو آهي ته اسان جي نوجوانن جي بازيابي لاءِ مدد ڪئي وڃي. ٻئي پاسي پوليس تصديق ڪئي آهي ته عاقب ۽ وقار عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيا آهن. سندن بازيابي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. واضح رهي ته عاقب دايو ۽ وقار شيخ گذريل ڏينهن صبح جو گهران نڪتا ته اغوا ٿي ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو