عوام کي مفت بجلي نٿي ملي ته ٻئي ڪنهن کي به نه ملڻ گهرجي

عوام کي مفت بجلي نٿي ملي ته ٻئي ڪنهن کي به نه ملڻ گهرجي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) عوام پاڪستان پارٽي جي جنرل سيڪريٽري مفتاح اسماعيل چيو آهي ته جيڪڏهن عوام کي مفت بجلي نٿي ملي ته ڪنهن کي به نه ملڻ گهرجي.عوام پاڪستان پارٽي جي جنرل سيڪريٽري مفتاح اسماعيل احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته (ن) ليگ 200 يونٽ فري ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، پيپلز پارٽي 300 يونٽ مفت بجلي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.مفتاح اسماعيل چيو ته اسان کي مفت بجلي نه ڏيو، گهٽ ۾ گهٽ سستي ته ڏيو، بجلي جي قيمتن ۾ 350 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، بجلي جي بلن تي رڪارڊ ٽيڪسز وصول ڪيا ويندا آهن، ڪمرشل بلن تي 27 سيڪڙو ٽيڪسز ورتا پيا وڃن.هن چيو ته موجوده حڪومت جاري خرچ 24 سيڪڙو وڌايا آهن، موجوده حڪومت ايوان صدر، وزيراعظم، قومي اسيمبلي، سينيٽ جا خرچ وڌائي ڇڏيا آهن، هن مطالبو ڪيو ته گهريلو صارف تي ڪوبه ٽيڪس نه لڳايو وڃي، حڪومت صرف گهريلو صارفين تي ٽيڪس ختم ڪري ڇڏي.عوام پاڪستان پارٽي جي جنرل سيڪريٽري چيو ته عوام انهي وقت تائين ڪاوڙ نٿي ڪري جيستائين اڳواڻ اهڙي قسم جي تربيت نٿا ڏين، هن چيو ته شرم ڪريو، حيا ڪريو، بجلي جا بل گهٽ ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو