لاهور)ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته روڊن تي اچڻ کانسواءِ عوام کي آزادي نه ملندي، تنهن ڪري آخري سڏ هاڻي ڏنو وڃي.هڪ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته جنهن طريقي سان سپريم ڪورٽ تي دٻاءُ وجهڻ جي منظم ڪوشش ڪئي وئي آهي ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان ڪيتري وڏي مافيائن ۾ گھريل آهي.هن چيو ته جمهوريت ٺاهڻ جو ٻيو مثال سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس خلاف مهم آهي، روڊن تي اچڻ کانسواءِ عوام کي آزادي نه ملندي، آخري سڏ هاڻي ڏيڻ گهرجي.










