سيالڪوٽ(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته عوام ظلم جي خلاف اٿي نه بيٺو ته پوءِ رڳو تباهي ۽ بربادي آهي عمران خان چيو ته آمريڪا اسان جي مٿان چورن کي مڙهي ڇڏيو آهي، جيستائين زنده آهيان چورن جو مقابلو ڪندو رهندس سيالڪوٽ ۾ شاگردن ۽ وڪيلن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته خبر نه آهي ته توهان سان ٻيهر ڳالهه ڪرڻ جو موقعو ملندو الائي نه، ملڪ ۾ انصاف نه رهيو آهي هن چيو ته قوم کي فيصلائتي تحريڪ لاءِ تيار ڪري رهيو آهيان










