عوام جي لاءِ تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي:شاهه

عوام جي لاءِ تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي:شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير عوام کي تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو آهي ۽ تفريحي ماڳن کي جديد سهولتن سان آراسته ڪرڻ اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ڪراچي شهر ۾ خيام ڪينال جي دوري دوران ڪيو. خيام ڪينال کي پبلڪ اسپيس بڻائڻ ۽ ان جي مرمت جو منصوبو هلندڙ آهي، جنهن تحت ڪئنال جي ٻنهي پاسن تي وڏيون سيوريج لائينون لڳايون وينديون، جن مان هڪ پاسو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ٻئي تي ڪم هلندڙ آهي. منصوبي ۾ خيام ڪينال کي گندي پاڻي جي نيڪال کان پاڪ رکيو ويندو ۽ ان ۾ وهندڙ سموري سيوريج جا ڪنيڪشن ختم ڪري لائنن ۾ منتقل ڪيا ويندا. خيام ڪئنال جو هي منصوبو ڏيڍ ڪلوميٽر ڊگهو آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن تي روڊ جو ڪم پڻ ڪيو ويندو. دوري جي موقعي تي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر (ميگا) شبيه الحسنين، آرڪيٽيڪٽ شاهد عبدالله، آرڪيٽيڪٽ عقيل بلگرامي پڻ موجود هئا جن منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت عوامي مفاد جي ڪمن تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. هڪ صحتمند سماج ئي صحتمند ملڪ جي ضمانت هوندو آهي. عوام کي تفريحي جايون مهيا ڪرڻ ۽ انهن جي بحالي اسان جي اولين ترجيح آهي. هن منصوبي سان شهر قائد ۾ هڪ سٺي ۽ خوبصورت جڳهه جو اضافو ٿيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو