ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سينٽرل ضلعي ۽ ملير ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي جون ڪارروايون، صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنل کليل تيل جي غيرقانوني ڊيپن ۽ بيڪرين تي ڇاپا.ڊي جي مزمل حسين هاليپوٽو جي هدايتن تي سنڌ فوڊ اٿارٽي جي فوڊ سيفٽي آفيسر محبوب علي ڀٽي جي اڳواڻي ۾ غير معياري کاڄرو تيل جي ڊيپن تي ڪارروايون ڪري لکين روپيا ڏنڊ لڳايو ويو.سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم صحت لاءِ هاڃيڪار ۽ غير معياري کاڄرو تيل استعمال ڪندڙ ڊيپن ۽ بيڪرين تي ڇاپا هنيا، جتي کليل تيل ۽ غير معياري شين جي استعمال جو انڪشاف ٿيو. انهن ڪاررواين دوران لکين روپين جا ڏنڊ لڳائيا ويا، ۽ کليل تيل جي وڪري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. ڊي جي سنڌ فوڊ اٿارٽي جو چوڻ آهي ته عوام جي صحت ۽ تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ اسان غير معياري ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار شين جي وڪري خلاف ڪارروايون جاري رکنداسين.










