عوام جي حقن لاءِ وڙهنداسين ۽ بجلي سستي ڪنداسين: ڪاڪڙ

عوام جي حقن لاءِ وڙهنداسين ۽ بجلي سستي ڪنداسين: ڪاڪڙ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته آءِ پي پيز جو مسئلو صنعت سميت 24 ڪروڙ عوام جو مسئلو آهي، اهو معاملو سينيٽ ۾ به بحث هيٺ آهي، هو عوام جي حقن لاءِ اها جنگ وڙهندا ۽ کٽندا.ايف پي سي سي آءِ ۾ آءِ پي پيز بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته هو ڪنهن کي لٽڪائڻ جي ڳالهه نه ڪندو پر مستقبل ۾ بجلي سستي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته هو آءِ پي پيز جو مسئلو اٿاري پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪري رهيا آهن، ڳالهين ذريعي ان مسئلي جو حل ڳوليندا، ايتري مهانگي بجلي سان ملڪ نٿو هلي سگهي، ان کي حل ڪرڻو پوندو، واپاري برادري فيصلو ڪيو آهي،اڳوڻي نگران واپار واري وزير گوهر اعجاز چيو آهي ته آءِ پي پيز حڪومتي ادارن جي لاپرواهي جو بار عوام تي وجهي رهيا آهن، سڄو پاڪستان چئي رهيو آهي ته ماڻهو آءِ پي پيز کان متاثر آهن، آءِ پي پيز سان معاهدا هر صورت ۾ ختم ڪرڻ جو رستو ڳوليو ويندو.ايف پي سي سي آءِ جي سرپرست اعليٰ عاطف اڪرم چيو آهي ته آءِ پي پي پيز جي معاملي تي عدالت سان رجوع ڪري رهيا آهيون، موجوده ٽيرف تي صنعت نه هلائي سگهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو