عوام بيروزگاري ۽ مهنگائي سبب پريشان آهي، مگسي

حيدرآباد (پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر قادرمگسي چيو آھي تہ ملڪ ۾ نااھل حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ عالمي ادارن جي مرضين تي ھلڻ سبب مھانگائي عروج تي پھچي چڪي آھي غريب مسڪين ماڻھو ھاڻي ماني جي ھڪ گرھ جي لاءِ پريشان آھي. ھڪ پاسي بيروزگاري سبب عام ماڻھو پريشان آھن تہ ٻي پاسي مھانگائي سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. حڪمرانن ڪرپشن جا رڪاڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن ڪرپشن جي ذريعي سندن گھرن جون ٽجوڙيون توڙي ٻاھر ملڪ جا اڪائونٽ پئسن سان ڀريل آھن پر غريب مسڪين ماڻھو ٽيڪسن جي نالي ۾ روز لٽجي ڪنگال ٿي رھيو آھي. ھنن حڪمرانن ملڪ کي تماشو بنائي رکيو آھي. نہ صرف پيٽرول پر عام کاڌي پيتي جي شين ۾ واڌ تي بہ سندن ھڪڙو موقف آھي تہ عالمي منڊي ۾ مھانگائي ٿي وئي آھي . اھو سواءِ عوام کي دوکو ڏيڻ ۽ بيوقوف بنائڻ جا ھٿڪنڊا آھن. جي پيٽرول عالمي منڊي ۾ مھانگو ٿيو آھي تہ ان تي سسبدي ڏئي ملڪ اندر ان کي سستو ڪري سگھجي ٿو. پر عمران خان کان اھو پڇو تہ ھي ملڪ زرعي ملڪ آھي ھن ملڪ جي معيشت جو دارومدار زراعت تي وڌيڪ آھي تہ پوءِ زرعي جنسن سميت عام کاڌي پيتي جي شين جا اگھ ڇو وڌيا آھن اھي تہ عالمي مندي ۾ سستا آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو