نواب شاھه (ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد عامر حسين پنهور جي صدارت هيٺ سکر حيدرآباد موٽروي لاءِ زمين حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ اجلاس سندس آفيس ۾ ٿي گذريو اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عامر حسين پنهور چيو ته عوامي سهولت جي هن پروجيڪٽ لاءِ زمين حاصل ڪرڻ واري ڪم کي تيز ڪيو وڃي ته جئين هي منصوبو وقت سر شروع ٿي سگهي هن سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته موٽر وي ۾ ايندڙ زمين کي حاصل ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن 4 ۽ 6 نڪري چڪا آهن انهي ڪري نيشنل هائي وي اٿارٽي ۽ سروي سپريٽنڊنٽ جي عملدارن سان گڏجي کاتيدارن کان زمين حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم کي جلد شروع ڪيو وڃي هن کين اھا پڻ هدايت ڪئي ته هن ڪم ۾ ڪوتاهي ۽ دير کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو انهي لاءِ سمورا لاڳاپيل عملدار پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي عوامي ڀلائي جي منصوبي کي شروع ڪرائڻ لاءِ ۽ درپيش مسئلن جي حل لاءَ قدم کڻن اجلاس کي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر نيشنل هائي وي پاران سکر حيدرآباد موٽر وي ۾ شهيد بينظيرآباد ضلعي جي حدن ۾ ايندڙ زمين ۽ کاتيدارن کي معاوضي جي رقم بابت آگاهي ڏني وئي. اجلاس ۾ سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، سروي سپرينٽنڊنٽ خيرپور جي عملدارن شرڪت ڪئي.










