عوامي راءِ دٻائڻ تي بنگلاديش جهڙو معاملو ٿيندو: شاهد خاقان

عوامي راءِ دٻائڻ تي بنگلاديش جهڙو معاملو ٿيندو: شاهد خاقان

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن جو احتساب جو ادارو سڀني کان وڌيڪ ڪرپٽ آهي.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته موجوده حڪومت چيو هو ته نيب جي اداري کي ختم ڪنداسين پر اڄ به حڪومت ان جا هٿ مضبوط ڪري رهي آهي.هن ٻڌايو ته چار ترميمن کان پوءِ به احتساب جي اداري جي حالت تبديل نه ٿي آهي، ارب پتي ٿيڻ کان پوءِ نيب جا آفيسر اداري مان ويا آهن.هن چيو ته سمورا ماڻهو منهنجي خلاف ريفرنس جي حقيقت کان واقف آهن، اڳوڻي نيب چيئرمين جاويد اقبال جي لاءِ مون چيو هو ته سڀني کان پهريان اهوئي شخص ملڪ ڇڏي ڀڄي ويندو. شاهد خاقان وڌيڪ چيو ته آءِ پي پيز پلانٽ ڪنهن به زبردستي نه لڳرايا آهن، آءِ پي پيز کي دعوت ڏئي پلانٽس لڳايا ويا. حڪومت پهريان ٽيرف ٺاهيو ۽ پوءِ نيپرا. روپيو ڪمزور ٿيندو ته ان جي نتيجي ۾ بجلي جا بل وڌندا.هن چيو ته ڪوٽا سسٽم جي معاملي تي شيخ حسينه واجد کي ڀڄڻو پيو، عوامي راءِ دٻائينداسين ته اهوئي ٿيندو جيڪو بنگلاديش ۾ ٿيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پنهنجي ناڪامي ڪنهن ٻئي تي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پي وڃي، ڪنهن سان به ذاتي اختلاف آهن ته معاملا ڌار اڪلايو.

پهنجو تبصرو موڪليو