سکر (جيرام داس ) سکرنيشنل هاءِ وي هجي يا موٽر وي مسافرن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ موٽر وي پوليس خدمت لاءِ حاضر آهي. اهڙو اظهار ايس ايس پي موٽر وي غلام سرور ڀيو ايوان صنعت ۽ تجارت سکر جي آفيس ۾ ڪوٺايل روڊ سيفٽي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. . ايوان صنعت ۽ تجارت سکر جي صدر محمد رضوان الحق ملڪ ۽ ٻين ميمبرن جي دعوت تي منعقد ڪيل روڊ سيفٽي سيمينار ۾ ڊي ايس پي هيڊڪواٽر سکر يونس خان، بيٽ ڪمانڊر پنوعاقل سيد سبط حسنين ۽ موبائل ايجوڪيشن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. سيمينار جو مقصد محتاط ڊرائيونگ ۽ ٽريفڪ قانون بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهي ڏيڻ هو، ان موقعي تي بيٽ ڪمانڊر پنوعاقل سيد سبط حسنين حاضرين کي ليڪچر ۽ ويڊيو ذريعي روڊ سيفٽي بابت بريفنگ به ڏني. ايس ايس پي موٽر وي غلام سرور ڀيو پنهنجي مختصر خطاب ۾ چيو ته نيشنل هاءِ وي هجي يا موٽر وي مسافرن کي درپيش مسئلن ۾ موٽر وي پوليس هر دم مدد لاءِ تيار رهندي آهي ۽ هميشه مسافرن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي پنهنجي پهرين ترجيح ۾ شامل رکيو آهي، جڏهن ته موٽر وي پوليس جي اين ايڇ ايم پي همسفر ايپ بابت پڻ خصوصي طور تي حاضرين کي معلومات فراهم ڪئي وئي. ايس ايس پي موٽر وي ايوان صنعت ۽ تجارت جي عهديدارن جو شڪريو ادا ڪندي موٽر وي پوليس طرفان ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي، ايوان صنعت ۽ تجارت جي صدر محمد رضوان الحق، نائب صدر چوڌري زاهد اقبال، اڳوڻي صدر شڪيل احمد سميت واپارين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. منتظمين مهمانن کي ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو به پيش ڪيو.










