نيپال، عوامي بغاوت، وزيراعظم فرار، پارليمان کي باهه، چڪرين ۾ 21 فوت

نيپال، عوامي بغاوت، وزيراعظم فرار، پارليمان کي باهه، چڪرين ۾ 21 فوت

کٽمنڊو(ويب ڊيسڪ)نيپال ۾ نوجوانن جي احتجاج رنگ لاتو، چوٿون ڀيرو وزيراعظم رهندڙ ڪي پي شرما اولي استعيفا ڏئي ڇڏي آهي ۽ نيپالي حڪومت سوشل ميڊيا تي لاڳو ڪيل پابندي هٽائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ويڊيو ۾ نيپالي وزيراعظم هيليڪاپٽر ۾ فرار ٿي رهيو آهي، اهو معلوم ناهي ته ڪهڙي ملڪ ويو پر افواهه آهن ته هو انڊيا يا يو اي اي ويندو. مڇريل ماڻهن پارليمان جي عمارت کي باهه ڏئي ڇڏي آهي.

Photo courtesy BBC

توانائي واري وزير جي گهر ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪندي سندس ٽجوڙي ڀڃي پيسا نوجوانن تي گهوريا ويا. نيپال ۾ افراتفري آهي.صدر لال چندر عبوري حڪومت ٺاهڻ لاءِ مشورا شروع ڪيا آهن. بنگلاديش، سريلنڪا ۽ انڊونيشيا ۾ عوامي بغاوتن بعد نيپال ۾ نوجوانن جي بغاوت بظاهر ڪامياب لڳي پئي.  نيپال جي ننڍن وڏن شهرن ۾ نوجوان خوشي ۾ جهومي رهيا آهن. اڱاري تي احتجاج دوران پوليس سان چڪرين ۾ 2 نوجوان مارجي ويا آهن ۽ سومر تي 19 فوتين بعد انگ 21 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 100 کان مٿي نوجوان زخمي آهن. نيپال جو سياسي نظام ۽ معيشت نازڪ حالت ۾ آهن، ڪرپشن ۽ بدانتظامي ۽ پنهنجا نوازي ۽ ميرٽ جي لتاڙ جهڙا مسئلا عام آهن. بظاهر ته هي احتجاج، فيسبڪ، اايڪس، انسٽاگرام سميت 26 سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي حڪومت اهو چئي پابندي لڳائي هئي ته هو فيڪ نيوز کي روڪڻ چاهين ٿا. جنهن خلاف نوجوانن سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو.

Photo Courtesy CNN

کٽمنڊو ۾ جلوس ۾ شامل 35 سالن جي نوجوان ناري رچنا سيپڪوٽا بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته هاڻي اسين تيسين گهر نه وينداسين جيسين ڪرپٽ سياستدانن، بيورو ڪريسي ۽ اشرافيا جو احتساب نه ٿيندو ۽ حڪومتي معاملن ۾ ميرٽ ۽ شفافيت لاڳو نه ڪئي ويندي. 3 ڪروڙ آبادي واري ملڪ نيپال جي معيشت جو وڏو انحصار پرڏيهه ۾ رهندڙ نيپالين پاران موڪليل رقم تي آهي جيڪو سندن جي ڊي پي جي 33 سيڪڙو برابر آهي. اطلاعن موجب نوجوانن مستعفي ٿيل وزيراعظم ۽ اڳوڻي وزيراعظم شير بهادر جي حامي سياستدانن جي گهرن ۽ پارٽي آفسين تي حملا ڪيا آهن. پوليس واٽر ڪينن ۽ ڳوڙها گيس جي شيلنگ ڪري رهي آهي، لاٺي چارج ۽ هوائي فائرنگ جا به اطلاع مليا آهن.پاڻي جي فراهمي واري وزير براديپ ياديو نوجوانن خلاف رياستي تشدد تي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي. هوم منسٽر سميت ٻين ڪيترن ئي وزيرن استعيفا ڏئي ڇڏي آهي. کٽمنڊو جو انٽرنيشنل هوائي اڏو بند ڪيو ويو آهي.حڪومت ڪرفيو لاڳو ڪيو، جيڪو نوجوانن ٽوڙي پوليس چوڪين ۽ گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي آهي. احتجاج ۾ گهڻي ڀاڱي 13 کان 28 سالن جي عمر وارا نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون شامل آهن. نيپال ۾ 239 سالن جي بادشاهت 2008 ۾ ختم ٿيڻ بعد 10 سالن جي مائونواز وادي باغين جي بغاوت ۽ گهرو جنگ بعد جمهوريت بحال ٿي هئي. جنهن بعد اقتدار ۾ گهڻو وقت نيشنل ڪانگريس پارٽي رهي پر حڪمراني بدتر ٿيندي وئي ۽ هر شعبي، خاص ڪري تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ڪرپشن جي حد ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو