اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ عمر سرفراز چيما جي ڪيس کي پي ٽي آءِ جي باني جي ڪيس سان ملائي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس يحييٰ آفريدي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ 9 مئي تي عمر سرفراز چيما خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران چيف جسٽس چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي پي ٽي آءِ باني جي ڪيس سان گڏ ڪئي ويندي، جسٽس يحييٰ آفريدي چيو ته هو جسماني رمانڊ جي ڪيسن جي فيصلن ۾ هڪجهڙائي چاهين ٿا، پي ٽي آءِ جي باني جو ڪيس به جسماني ريمانڊ جو ڪيس آهي ۽ عمر سرفراز چيما جو ڪيس به ساڳئي نوعيت جو آهي، ان دوران عمر سرفراز جي وڪيل چيو ته منهنجي موڪل جي گرفتاري کان پوءِ ايف آءِ آر درج ڪئي وئي هئي. ان تي پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته عدالت عمر سرفراز چيما کي هڪ ڏينهن جو جسماني ريمانڊ به نه ڏنو ۽ عمر سرفراز کان پستول هٿ ڪرڻو آهي،بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 24 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










