اسلام آباد: (بيورورپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قيادت بابت هڪ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، چيئرمين پي ٽي آءِ بئريسٽر گوهر علي خان عمر ايوب ۽ شبلي فراز بابت داخل اپيلون واپس وٺي ڇڏيون آهن.ٻڌڻي دوران بئريسٽر گوهر عدالت کي ٻڌايو ته عمر ايوب جي هدايتن تي سندس نااهلي خلاف اپيل واپس ورتي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته هو پاڻ اليڪشن ۾ حصو نه وٺي رهيو آهي، ان ڪري سندس زال عمر ايوب جي سيٽ تي چونڊن ۾ حصو وٺندي.اهڙي طرح سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي عهدي تان شبلي فراز کي هٽائڻ بابت اپيل به واپس ورتي وئي، جڏهن ته بئريسٽر گوهر عدالت کان شبلي فراز جي نااهلي خلاف اپيل تي نوٽيس جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي. عدالت درخواست قبول ڪندي اليڪشن ڪميشن کي 29 آڪٽوبر لاءِ نوٽيس جاري ڪيو.عدالت ريمارڪس ڏنا ته شبلي فراز جي خالي سيٽ تي اليڪشن 30 آڪٽوبر تي ٿيڻي آهي، تنهن ڪري ڪيس 29 آڪٽوبر لاءِ مقرر ڪيو ويندو.ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا جوابدار هٿيار ڦٽا ڪيا آهن. جنهن تي بئريسٽر گوهر چيو ته عمر ايوب ۽ شبلي فراز اڃا تائين هٿيار ڦٽا نه ڪيا آهن.بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي ڊي نوٽيفڪيشن خلاف داخل اپيل به واپس ورتي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته محمود خان اچڪزئي کي مخالف ڌر جو اڳواڻ مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن اڳ ئي جاري ٿي چڪو آهي.جسٽس امين الدين خان بئريسٽر گوهر سان ڳالهائيندي چيو ته حفاظتي ضمانت کان پوءِ ڇا عمر ايوب هٿيار ڦٽا ڪيا؟ جنهن تي بئريسٽر گوهر چيو ته هن هٿيار ڦٽا نه ڪيا، هتي سوال سول نوعيت جو آهي، ڪرمنل نه، اسان شبلي فراز جي حد تائين ڪيس هلائڻ چاهيون ٿا.جسٽس شڪيل احمد پڇيو ته سينيٽ جي سيٽ لاءِ ضمني چونڊ ڪڏهن ٿيندي؟ بئريسٽر گوهر چيو ته ضمني چونڊ 30 آڪٽوبر تي آهي، جسٽس شڪيل احمد ريمارڪس ڏنا ته ضمني چونڊ لاءِ تمام گهٽ وقت ڏنو ويو آهي.سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جي سربراهه ريمارڪس ڏنا ته “ٺيڪ آهي، اسان ڪيس 29 آڪٽوبر تي رکي رهيا آهيون.










