اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عدالت عمر ايوب ۽ تحريڪ انصاف جي ٻين اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽ گوهر خان، عمر ايوب ۽ ٻين جي خلاف قلم 144 جي ڀڃڪڙي جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ شهزاد خان جي آڏو ٿي.عدالت ٻڌڻي دوران عمر ايوب، عامر ڊوگر ۽ عامر مغل جي حاضر نه ٿيڻ تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا جڏهن ته شعيب شاهين ۽ بيرسٽر گوهر جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت ۾ بيرسٽر گوهر خان طرفان حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي.ٻڌڻي دوران جوابدار بريت جي درخواستن تي اڄ به دليل نه ڏئي سگهيا جنهن تي عدالت ڪيسز جي ايندڙ ٻڌڻي 23 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته بيرسٽر گوهر خان ۽ ٻين جي خلاف آءِ 9 ٿاڻي ۾ 2 ڪيس داخل ٿيل آهن.










