عمرڪوٽ, زهريلو کاڌو، 2 ڀائر فوت، شاهه جو نوٽيس

عمرڪوٽ, زهريلو کاڌو، 2 ڀائر فوت، شاهه جو نوٽيس

عمرڪوٽ: (ن س) اندرون سنڌ جي علائقي ڪنري جي ويجهو مبينا زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه سڳا ڀائر فوت ٿي ويا. ذريعن مطابق، واقعو ڪنري جي ويجهو ڳوٺ حيات گپنه ۾ پيش آيو جتي مبينا طور تي زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه سڳا ڀائر زندگيءَ جي ٻيڙي ٻوڙي ويٺا. ٻئي طرف، مقتولن جي وارثن جو چوڻ هو ته ٻنهي ٻارن جي رات جو کاڌو کائڻ ۽ کير پيئڻ کانپوءِ اوچتو طبعيت خراب ٿي وئي. وارثن ٻڌايو ته 10 سالن جو علي حسن تعلقي اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو، جڏهن ته 12 سالن جي محمد حسنين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو.ان کان علاوه اسپتال انتظاميا جو چوڻ هو ته ضروري قانوني ڪارروائي کانپوءِ ٻنهي ٻارن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس ٻڌايو آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.هوڏانهن وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه عمرڪوٽ جي علائقي ڪنري جي ڳوٺ حيات گوپانگ ۾ مبينا طور تي زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن جي لاڏاڻي جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان مطابق، وزيراعليٰ سنڌ ڪنري ۾ پيش آيل ان ڏکوئيندڙ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن ڪمشنر ميرپورخاص ۽ ڊي آءِ جي ميرپورخاص کي هدايت ڪئي آهي ته واقعي جي هر پهلوءَ کان شفاف ۽ تفصيلي جاچ (انويسٽيگيشن) ڪئي وڃي ته جيئن اصل حقيقتون سامهون اچي سگهن ۽ ذميوارن جو تعين ڪري سگهجي. سيد مراد علي شاهه واضح ڪيو ته هن معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي ۽ متاثر خاندان کي هر صورت ۾ انصاف فراهم ڪيو ويندو. وزيراعليٰ سنڌ ڏکويل خاندان ۽ ٻارڙن جي والدين سان دلي تعزيت ڪندي چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ سنڌ حڪومت کين اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ سندن غم ۾ برابر جي شريڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو