عمران ۽ بشريٰ بي بي جي شادي، عون چوڌري شاهدي ڏيڻ لاءِ راضي

عمران ۽ بشريٰ بي بي جي شادي، عون چوڌري شاهدي ڏيڻ لاءِ راضي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چيئرمين، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي خلاف نڪاح ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته درخواستگذار عدالت ۾ ٽئين شاهد جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي.ذريعن موجب عمران خان جو اڳوڻو ويجهو ساٿي عون چوڌري به گواه طور ڪيس ۾ شامل ٿيندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته عدالت ۾ عون چوڌري جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ درخواست تيار ڪئي وئي آهي.عون چوڌري سڀاڻي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندو يا عدالت ۾ پيش ٿيڻ تي درخواستگذار جو وڪيل رضوان عباسي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته عون چوڌري سينيئر سول جج نصر من الله بلوچ جي عدالت ۾ پيش ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو