عمران کي گرفتار نه ڪيو ويندو: نويد قمر

عمران کي گرفتار نه ڪيو ويندو: نويد قمر

ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو آهي ته وفاقي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري جو ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ جي جلسن جلوسن تي ڪا به پابندي عائد نه ڪئي آهي ، جلسا جلوس ڪرڻ جمهوريت جو حصو آهي، هن چيو ته جلسا جلوس ڪرڻ کان علاوه ڪو به تشدد جو واقعو پيش اچڻ ، امن امان کي خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به قانوني طور اجازت نه ڏني ويندي هن چيو ته جلسن جلوسن جي آڙ ۾ سرڪاري خانگي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ قانون جي ڀڄڪڙي ڪرڻ جي صورت ۾ قانون پنهنجي حرڪت ۾ پاڻ اچي ويندو، هن چيو ته ملڪ ۾ واپاري ترقي لاءِ 24 ارب روپين جي واپار جي سيڙپڪاري لاءِ منصوبا بندي تحت عمل ڪيو ويندو هن چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجو ڏنل ڏيڍ سال وارو مدو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پورو ڪندي، ملڪ ۾ ڪو به انتشار پيدا ٿي نه رهيو آهي، نه وري ملڪ گهرو ويڙھ ڏانهن وڌي سگهي ٿو، هن چيو ته شيخ رشيد جا شوشا اڳي به غلط ثابت ٿيا آهن 31 مئي تي اليڪشن ڪرائڻ وارو سندس خواب خواب ئي رهجي ويندو، شيخ رشيد ۽ عمران خان ۾ هاڻي ڪو به لفظن ۾ فرق نه رهيو آهي هن چيو ته فرح گوگي جي ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي ادارن جي فيصلن تي حڪومت پابندي سان عمل ڪندي

پهنجو تبصرو موڪليو