انقره (ويب ڊيسڪ) تُرڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها جيڪڏهن تربيت ڏنل پروگرام مطابق عمران خان ڪوالالمپور ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري ها. تُرڪ صدر طيب اردوان پاڪستاني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مستقبل ۾ پاڪ ترڪ تعلقات وڌيڪ مضبوط ٿيندا ٻنهي ملڪن جي تعلقاتن ۾ مسلسل بهتري اچي رهي آهي جڏهن ته گڏيل تجارج جو حجم ۽ اسٽريٽجڪ شراڪت داري جي لحاظ کان به تعلقات بهتر ٿي رهيا آهن. تُرڪ صدر طيب اردوان جو چوڻ هو ته اسٽريٽجڪ معاملن تي ڳالهين لاءِ فيبروري ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو جڏهن ته عمران خان اهم مسئلي ڪري ڪوالالمپور ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪندو، سٺو ٿئي ها جيڪڏهن ترتيب ڏنل پروگرام مطابق عمران خان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري ها.










