ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خرم شيرزمان چيو آهي ته عمران خان کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڪنهن نئين پارٽي کي پاڪستان ۾ اچڻو پوندو پيپلزپارٽي ڪراچي سان ويڳي ماءُ جيان ورتاءُ ڪيو ايم ڪيو ايم اڄ ان سان گڏ آهي ايندڙ اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي سياست دفن ٿي ويندي زرداري جو شرم سان ڪو تعلق نه آهي، سنڌ ۾ ڊائريا وگهي ماڻهو مري رهيا آهن. ميڊيا تي هڪ مشڪل وقت آهي. ميڊيا آزادي سان ڪم نه پيو ڪري سگهي عمران خان جي دور ۾ ميڊيا آزادي سان ڪم ڪيو انصاف هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عمران خان کي ۽ پي ٽي آئي لاهور کي ڪامياب جلسي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو هن ڀيري 14 آگسٽ پرجوش انداز ۾ ملهايو ويو ڪائي گهٽي اهڙي نه آهي جتي عمران خان جي اسڪرين نه لڳائي وئي هجي خرم شيرزمان چيو ته ڪروڙين ماڻهن عمران خان جي آواز سان آواز ملايو ۽ پي ڊي ايم جماعتن جو اين ٽي اسٽيبلشمينٽ جو بيانيو عمران خان ناڪام بڻائي ڇڏيو هن چيو ته عمران خان کي فوج جي خلاف ڪندڙ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا عمران خان چيو ته پاڪستان جي فوج ملڪ جي سلامتي لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته عمران خان 19 تاريخ تي ڪراچي اچي رهيو آهي عمران خان ننڍي اليڪشن جي حوالي سان ڪراچي اچي رهيو آهي 28 آگسٽ تي ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون به آهن ڪراچي ۾ عمران خان جا 3 جلسا آهن عمران خان ملير، لياري ڪورنگي ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندو. پي ٽي آئي ڪراچي لاءِ پنهنجو ميئر آڻيندي عمران خان ڪراچي جي عوام لاءِ پلان کڻي اچي رهيو آهي. پيپلزپارٽي ڪراچي سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو ايم ڪيو ايم اڄ ان سان گڏ آهي ايندڙ اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي سياست نظر نه ايندي خرم شيرزمان چيو ته پيپلزپارٽي اين اي 245 ۾ اليڪشن وڙهڻ کان هٿ کڻي وئي پيپلزپارٽي ايم ڪيو ايم جي حمايت جو اعلان ڪيو اها اسان لاءِ سٺي خبر آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ برساتن جي تباهي کان بچڻ لاءِ ٻه ارب جاري ٿيا ٻه ارب ڪنهن جي کيسي ۾ويا مرادعلي شاهه ٻڌائي ته ڇا مرتضيٰ وهاب هٿ صاف ڪري ڇڏيا آهن. ڪراچي جا ماڻهو اکڙيل رستن جي ڪري چيلهه جي سور ۾ وٺجي چڪا آهن هن چيو ته سنڌ سولڊ ويسٽ صوبي جو ڪرپٽ ادارو آهي ڪم ڪندي ڪٿي به نظر نه پيو اچي.










