اسلام آباد(بيورو)پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي پنهنجي 20 سيٽن مان 5 تي شڪست ٿي، عمران خان کي وڌيڪ خوش ٿيڻ جي ضرورت نه آهي ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تي حملي جو ڪارڻ ڌانڌلي نه پر فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي جو خوف آهي مريم چيو ته اوهان کي خبر آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ناقابل ترديد شاهديون مليون آهن، جن کي منظر عام تي آڻڻ اڻٽر ٿي چڪو آهي










