عمران نيازي کي بچائڻ لاءِ عدليه ديوار بڻجي وئي آهي

عمران نيازي کي بچائڻ لاءِ عدليه ديوار بڻجي وئي آهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي فاشسٽ ڊڪٽيٽر آهي، عدليه کيس بچائڻ لاءِ لوهي ڀت بڻجي وئي آهي.ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي ۽ ورثي ۾ مليل حالتن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ٻوڏ، مهانگائي ۽ کساد بازاري جي طوفانن ڏکيائين کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته عمران خان ۽ سندس ساٿي مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، عمران خان دعا ڪري رهيو آهي ته ملڪ ڊفالٽ ڪري، نيب عمران خان خلاف ڪرپشن جا ڪيس ٺاهي ڇڏيا آهن. عمران خان جي دور ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ٿي ۽ عمران نيازي کي ڪلين چٽ ڏني وئي.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻن کي ڪوڙو ڪيس ڪري جيل موڪليو ويو، ڇا ڪنهن عدالت ان ڳالهه جو نوٽيس ورتو؟ عمران نيازي فاشسٽ ڊڪٽيٽر آهي ۽ ان کي بچائڻ لاءِ لوهي ديوار ٺاهي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو