عمران رياض کي لاهور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو حڪم

عمران رياض کي لاهور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اينڪر عمران رياض جي وڪيل لاهور هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو حڪم ڏيندي درخواست اڪلائي ڇڏي اينڪر عمران رياض خان جي گرفتاري جي خلاف درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌني ڪئي چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌڻي ۾ چيو ته رات رپورٽ آئي آهي ته اينڪر عمران رياض کي گرفتار ڪيو ويو عمران رياض جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي اصيل مون کي فون ڪري ٻڌايو ته هو اسلام آباد ٽول پلازا وٽ آهي وڪيل جو عدالت ۾ چوڻ هو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس عمران رياض جي خلاف 17 ڪيس داخل ٿيڻ جي رپورٽ ڏني، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڌار توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي آهي عمران رياض جي وڪيل چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ کي رات جي ايف آئي آر بابت نه ٻڌايو ويو هو پر هي لڪائي وئي هئي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هر عدالت جو پنهنجو اختيار آهي لاهور هاءِ ڪورٽ هن معاملي کي ڏسي سگهي ٿي اٽڪ ۾ عمران رياض خان جي گرفتاري ٿي جيڪو هن عدالت جو اختيار نٿو ٺهي عمران رياض جي وڪيل چيو ته هن عدالت واضح حڪم ڏنا هئا جن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي عدالت ريمارڪس ڏنا ته عمران رياض خان کي اسلام آباد پوليس نه پر پنجاب پوليس گرفتار ڪيو آهي اسان هن ڪيس ۾ ڪائي آبزرويشن نه پيا ڏيون چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ چوي ته اسلام آباد مان گرفتاري ٿي آهي ته هو آرڊر هن عدالت جي سامهون آڻجو هاڻي هي اوهان جي مفاد ۾ آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ وڃو عدالت عمران رياص جي وڪيل کي لاهور هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو حڪم ڏيندي درخواست اڪلائي ڇڏي ان موقعي تي عمران رياض جي وڪيل عدالت کي چيو ته گذريل رات جو عدالت کولڻ تي اسان اوهان جا ٿورائتا آهيون چيف جسٽس اطهر من الله جواب ۾ چيو ته ڪوئي به درخواست گذار ڪنهن به وقت اچي اسان ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو