اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر عارف علوي چيو آهي ته عمران خان 9 مئي جي واقعي جي کليل لفظن ۾ مذمت ڪري.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته 9 مئي جي واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.مملڪتي صدر چيو ته عمل ۾ انساني حقن جو خيال رکيو وڃي، مار ڪٽ نه ٿيڻ گهرجي، ملوث ماڻهن کي قانون موجب سزا ملڻ گهرجي.صدر چيو ته عمران خان آرمي چيف جنرل عاصم منير جي مقرري جي مخالفت نه ڪئي هئي، عمران خان چيو هو ته جنرل باجوه کي ٻڌايو وڃي ته هو آرمي چيف طور قبول ڪيو ويندو.










