عمران خان 1 سال مسلسل آرمي چيف ۽ آفيسرن جي خلاف الزام لڳايا

عمران خان 1 سال مسلسل آرمي چيف ۽ آفيسرن جي خلاف الزام لڳايا

راولپندي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آئي جي چيئرمين جي جي آئي ٽي ۾ ڏنل بيان ۾ استحڪام پاڪستان جي ترجمان فياض الحسن چوهاڻ ردعمل ڏيندي چيو ته پي ٽي آئي چيئرمين پاران هڪ سال لاڳيتو آرمي چيف ۽ آفيسرن جي خلاف الزام مڙهيا ويا پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته قاتلاڻي حملي ۽ مارڻ جا الزام صبح شام فوج جي اعليٰ آفيسرن تي لڳايا ويا ثبوت ڏيڻ وقت پي ٽي آئي چيئرمين ثبوت نه هجڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي فياض الحسن چوهاڻ چيو ته جي آئي ٽي ۾ چيو ته مون کي ماڻهن ٻڌايو ته فوج ۽ ايجنسي جا اعليٰ آفيسر مون کي مارڻ چاهين ٿا هن چيو ته ٻڌل ڳالهين جي بنياد تي 24 ڪروڙ عوام جي ذهنن ۾ پنهنجي ئي فوج جي خلاف زهر ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي فياض چوهاڻ چيو ته انهي الزام جي بنياد تي هر هفتي پاڪستان ۾ فساد في الرض برپا ٿيندو رهيو انهيءَ الزام جي بنياد تي لکين نوجوانن کي پنهنجي رياست ۽ رياستي ادارن جي خلاف باغي بڻايو ويو فياض الحسن چوهاڻ چيو ته ذرعي طور تي بغير ثبوت قتل جو الزام لڳائڻ وڏو گناهه آهي هن چيو ته عوام جو ذهن معيشت ۽ رياست جون پاڙون ڪمزور ڪرڻ کان پوءِ ثبوت ڏيڻ کان انڪاري ٿيڻ مذمت جوڳو عمل آهي هن چيو ته پي ٽي آئي چيئرمين کي ثبوت فراهم نه ڪرڻ تي عوام کان معافي وٺڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو