اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ٻن اڳوڻن وزيراعظمن کي طلب ڪري ورتو آهي، پي ٽي آءِ باني ۽ نوازشريف کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن طرفان ڪاز لسٽ جاري ڪئي وئي آهي، توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن ۾ محمد نوازشريف جي درخواست تي ٻڌڻي 5 نومبر تي ٿيندي، نوازشريف طرفان درخواست ڏني وئي هئي ته عادل بازئي 26هين آئيني ترميم ۾ پارٽي پاليسي جي تحت ووٽ نه وڌو.اليڪشن ڪميشن ۾ عادل بازئي جي خلاف 63 اي جي تحت ريفرنس اماڻيو ويو هو جنهن تي هاڻ اليڪشن ڪميشن پارٽي سربراهه نوازشريف کي طلب ڪري ورتو آهي.










