ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ليبر کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته عمران خان ۽ حافظ نعيم جو هڪ ئي مسئلو آهي،ٻئي مايوسي جو شڪار آهن.جماعت اسلامي جا 86 ميمبر پهريان پنهنجا ميمبر ته پورا ڪري ته اهي سمورا حافظ نعيم کي ووٽ ڏيندا يا نه، جماعت جي دوستن جو چوڻ آهي ته جماعت ۾ حافظ نعيم جي رويي تي ماڻهن کي اعتراض آهي. تحريڪ انصاف جا وڌ کان وڌ ڪامياب چيئرمينز پنهنجي پارٽي جي اجلاس ۾ واضح ڪيو ته هو جماعت اسلامي کي سپورٽ نه ڪندا. ڪراچي جي ميئر جي اميدوار تي پارٽي ۾ صلاح مشورا جاري آهن، سنڌ جي وڏي وزير ڪالهه جيڪو چيو هو اهو هن جي مذاق جي زمري ۾ چيو هو.پارٽي ۾ ڪا به گروپنگ ناهي، سموري تنظيم هڪ پيج تي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ان موقعي تي پيپلز پارٽي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري سينيٽر وقار مهدي ۽ ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري ۽ ڪنوينر پ پ ايسٽ آصف خان پڻ ساڻس گڏ هئا، سعيد غني چيو ته مان اڄ اخبار ۾ پڙهيو هئم ته حافظ نعيم چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حمايت ڪرڻ کانپوءِ هن جي اڪثريت ٿي وئي آهي ۽ سندس مطابق 191 ميمبر ساڻس گڏ آهن باقي 176 رهندا آهن. هن چيو ته ڪي ايم سي ايوان جي ڪل تعداد 367 آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن 191 ميمبر ساڻس گڏ آهن ته باقي 176 رهن ٿا، خبر ناهي اهو انگ ڪٿان آيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ اسان جي حمايتين جو ڪل تعداد 173 آهي. سعيد غني چيو ته اسان جي حساب سان تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي جا ميمبر 193 ۽ اسان جا 173 آهن، اسان جا رڳو 9 ميمبر گهٽ آهن. هن چيو ته جڏهن کان چونڊون ٿيون آهن اسان ڪڏهن به تحريڪ انصاف جي حمايت جي ڳالهه نه ڪئي آهي، ڪالهه حافظ حافظ چئي رهيا هئا ته سنڌ حڪومت تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪي رهي آهي.هن چيو ته مان 18 جنوري کان چئي رهيو آهيان ته اسان کي يقين آهي ته ميئر پيپلز پارٽي مان ايندو، اسان وٽ اڪثريت آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي چونڊيل چيئرمينن پنهنجي پارٽي جي اجلاسن ۾ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو جماعت اسلامي جي حمايت نه ڪندا. سعيد غني چيو ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف جماعت اسلامي جي حمايت جو اعلان به ڪيو آهي ان جي باوجود سندس 43 چونڊيل ميمبرن مان اڪثر جماعت اسلامي کي ووٽ ڏيڻ نٿا چاهين ۽ اڪثريت راءِ هڪ طرف ويهڻ آهي. هن چيو ته ميئر جي نالي سان سڃاتل حافظ نعيم الرحمان به الزام هنيو آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي مرضي سان تڪ بنديون ڪيون آهن. هن چيو ته 2013ع کان اڳ مڪاني ادارن وارين تڪ بنديون هميشه صوبائي حڪومتون سنڀاليون هيون، جڏهن ته 2013ع واري قانون کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويو ۽ معزز عدليه، جنهن هميشه پيپلز پارٽي سان محبت ڪئي آهي، اهو اختيار اليڪشن ڪميشن کي ڏنو آهي. هن چيو ته 2013ع ۾ پيپلز پارٽي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو تڪبنديون ڪيون ته عدالتن ان کي اڏائي ڇڏيو. ۽ 2015ع ۾ مڪاني چونڊون اليڪشن ڪميشن جي ٺاهيل تڪن تي ٿيون ۽ هن ڀيري به تڪ بنديون اليڪشن ڪميشن طرفان ڪيون ويون پر صوبي ۾ ڪيتريون ڪائونسلز ٿيندديون ان جو فيصلو سنڌ حڪومت قانون موجب ڪندي.هن چيو ته حافظ صاحب کي صلاح آهي ته بنا ڪنهن سبب جي غلط بياني کان پاسو ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن جماعت اسلامي کي ميئر جي چونڊ ۾ اڪثريت ملي ٿي ته هو ضرور ميئر بڻجي ۽ جيڪڏهن نه ته پوءِ ٻئي کي مڃڻ گهرجي، هن چيو ته مسئلو اهو آهي ته عمران خان ۽ حافظ نعيم ٻئي مايوسي جو شڪار آهن. ۽ حافظ صاحب پاڻ کان سواءِ ڪنهن کي به ميئر مڃڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن حافظ صاحب ميئر ٿيو ته شهر تي ڪنهن جو قبضو نه ٿيندو ۽ جيڪڏهن پيپلز پارٽي جو ميئر آيو ته ڪراچي تي قبضو ڪرڻ جو الزام لڳايو ويندو.هن چيو ته الله اسان کي ان تباهي کان بچائي جيڪو الطاف حسين هن شهر، صوبي ۽ ملڪ ۾ خطرناڪ حالتون پيدا ڪيو ن هيون ۽ حافظ نعيم نئون الطاف حسين بڻجڻ چاهي ٿو. هن چيو ته مان حافظ نعيم کي واضع ڪرڻ چاهيان ٿو ته هن شهر مان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي جيڪي به ماڻهو ڪامياب ٿيا آهن اهي ان ئي شهر جا آهن ۽ جماعت اسلامي هتي جيڪا دشمني پکيڙڻ چاهي ٿي اها ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي سعيد غني عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته عمران خان نعره لڳالئيندو هو ته اسين ڪنهن جا غلام ناهيون ( ايبسوليوٽلي ناٽ ) بي شرميءَ جي به ڪا حد هوندي آهي، هي اهو ماڻهو آهي جيڪو ڪارڪنن کي گانن تي نچائيندو هو هاڻي هو آمريڪي عورت کي منٿون ڪري رهيو آهي، چوي ٿو ته رڳو اسان جي لاءِ بيان ڏيو. هن چيو ته جيڪي هن چري ۽ ذهني مريض جي پٺيان لڳا پيا آهن، ڏسو ڪيئن ڪوڙ ٿو ڳالهائي. سعيد غني چيو ته عمران خان ملڪ لاءِ سڀ کان وڏو سڪيورٽي خطرو آهي، هن حساس ادارن تي حملا ڪرايا، اسڪول ساڙيا، مسجدن کي نقصان پهچايو، سندس تخريبڪاريءَ کان ڪهڙي جاءِ بچي وئي؟ هن چيو ته ٽرمپ به آمريڪا جو عمران خان آهي، جڏهن ٽرمپ جي ماڻهن حملو ڪيو ته آمريڪي حڪومت ڪاروائي ڪيس ٺاهيا. هن چيو ته ڪجهه مهينا اڳ جيڪو آمريڪا تي الزام هڻي رهيو هو ته هو هن خلاف سازش ڪري رهيو آهي، اڄ آمريڪي ڪانگريس جا ميمبر چئي رهيا آهن ته عمران خان جي معاملي تي ڳالهايو وڃي. هن چيو ته هاڻي عوام ۽ ميڊيا کي عمران خان کان سائفر جو سوال ڪرڻ گهرجي ته هو ڪٿي آهي ۽ سندس حيثيت ڇا آهي. هن چيو ته عمران خان ملڪ جي معيشت ۽ فوج کي تباهه ڪرڻ جي سياست ڪري رهيو آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف کي يهودين ۽ هندستانين پئسا فراهم ڪيا، جيڪڏهن ڪنهن پارٽي کي يهودين ۽ هندستانين کان پئسا ملن ها ته ڇا اهي پارٽيون آزاد گهمي رهيون هيون. هن چيو ته اها سهولت صرف بنديال جي لاڏلي کي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته اسان هميشه چيو آهي ته جيڪي پارٽيون کٽيون آهن انهن کي شهر جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ضد ۽ ڏاڍ سڀ کان وڏو مسئلو آهي..










