اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي هوشيار شخص قرار ڏئي ڇڏيو.هڪ انٽرويو ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ تمام سٺو آهي، ماڻهو مٿس يقين ڪن ٿا.صحافي شاهد ميتلا جي رپورٽ موجب جنرل ريٽائرڊ باجوه سوال تي چيو ته ڪراچي ۾ مريم نواز جي ڪمري جو دروازو ٽوڙڻ جو حڪم ڪنهن ڏنو؟ هن چيو ته برگيڊيئر حبيب ان وقت سيڪٽر ڪمانڊر هو، جنرل فيض ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو پر هيٺين سطح تي ڪجهه ٿيو، اسان ذميوار آفيسر کي هٽايو هو.اعظم سواتي ۽ شهباز گل کي بي لباس ڪرڻ جي الزام تي جنرل (ر) باجوه چيو ته انهن واقعن سان منهنجو ڪو به تعلق ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ايجنسيون شاهه کان وڌيڪ شاهه جي وفادار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، اهو سڀ ڪجهه هيٺين ليول سطح تي ٿئي ٿو.هڪ سوال جي جواب ۾ اڳوڻي آرمي چيف چيو ته شيخ رشيد سان زندگي ۾ رڳو ٻه ڀيرا ملاقات ٿي آهي شيخ رشيد چيو هو ته حڪومت عمران خان سان نه هلي رهي آهي، جنرل ڪجهه ڪريو.










