اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي سوشل ميڊيا ٽيم کي فرنٽ لائن سپاهي قرار ڏنو، ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنهنجي سوشل ميڊيا ٽيم جا ٿورا مڃيا عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته آئون پنهنجن سمورن سوشل ميڊيا ويڙهاڪن جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جن بهادري سان حڪومت تبديل ڪرڻ جي آمريڪي سازش خلاف اسان جي جنگ کي سمورن سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تائين وڌايو پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ لکيو ته اسان جي آزادي ۽ جمهوريت لاءِ هن تحريڪ اڳتي وڌائيندا رهو، توهان اسان جا فرنٽ لائن سپاهي آهيو










