عمران خان پاران پولي گرافڪ ۽ وائس ميچنگ ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار

عمران خان پاران پولي گرافڪ ۽ وائس ميچنگ ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) 9 مئي جي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان کان لاهور پوليس جاچ جو پهريون مرحلو مڪمل ڪري ورتو آهي.جاچ جي دوران پوليس عمران خان کان مختلف سوال ڪيا، عمران خان سوالن جا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عمران خان چيو ته مون کي پوليس تي ڀروسو نه آهي، جاچ ٽيم جي سربراهه ڊي ايس پي جاويد آصف جواب ڏنو ته اوهان پوليس جي جاچ آفيسرن سان تعاون ڪريو، اسان اوهان سان انصاف ڪنداسين.ڊي ايس پي جاويد آصف طرفان انصاف جو يقين ڏيارڻ تي پي ٽي آءِ چيئرمين 15 منٽن تائين پوليس جي سوالن جا جواب ڏنا، جاچ جي دوران عمران خان پي ايف ايس اي جي ٽيم کي 3 ٽيسٽ ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو.پي ٽي آءِ باني پي ايف ايس سي جي ٽيم کي جواب ڏنو ته مان تمام گهڻن ادارن جي جاچ هيٺ آهيان في الحال ڪابه ٽيسٽ نه ڪرائيندس مختلف ٽيسٽ ڪرڻ جي حوالي سان بعد ۾ پوليس کي وقت ڏيندس، پي ايف ايس اي جي ٽيم کي پي ٽي آءِ باني جي پولي گرافڪ، وائس ميچنگ ۽ فوٽو گراميٽري ٽيسٽ ڪرڻا هئا.جاچ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿيڻ تي لاهور پوليس جي جاچ ٽيم اڊيالا جيل مان هلي وئي، لاهور پوليس جي جاچ ٽيم ڊي ايس پي جاويد آصف جي سربراهي ۾ اڊيالا جيل پهتي هئي. گذريل ڏينهن باني چيئرمين عمران خان جاچ ٽيم سان تعاون کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو