اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم عمران خان مسلم ليگ (ق)جي چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو آهي. عثمان بزدار پنهنجي استعيفيٰ وزيراعظم حوالي ڪئي آهي. مونس الاهي جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سان ملاقات ۾ چوڌري پرويز الاهي جا معاملا طئي ٿي ويا. وزيراعظم کيس پنجاب جو وڏو وزير بڻائڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن قبولي ورتي. ذريعن موجب وزير اعظم، چوڌري پرويز الاهي کي جهانگير ترين گروپ سان معاملا طئي ڪرڻ جو ٽاسڪ پڻ ڏئي ڇڏيو آهي. سندس فيصلي بعد چوڌري شجاعت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اعلان ڪيو ته سندس پارٽي جا مونس الاهي کانسواءِ 4 ميمبر عمران خان خلاف ووٽ ڏيندا. هائوسنگ واري وزير طارق بشير چيما وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.










