اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو مذمت جوڳو آهي، واقعو جمهوري اصولن ۽ آئين جي خلاف هو.سندس چوڻ هو ته اسان اهڙين شرمناڪ قبضي وارين چونڊن کي رد ٿا ڪيون.










