عمران خان نماز نه پڙهي سگهيو، پٽن سان ڳالهائڻ بعد خوش

عمران خان نماز نه پڙهي سگهيو، پٽن سان ڳالهائڻ بعد خوش

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) اڳوڻو وزيراعظم سيڪورٽي جي مسئلن سبب عيد نماز نه پڙهي سگهيو. انتظاميا شام جو سندس ٻنهي پٽن سان فون تي ڳالهائڻ جو انتظام ڪيو. جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته پيءُ پٽن هڪٻئي کي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ صحت بابت معلومات ورتي. ڳالهه ٻولهه دوران جيل جو عملو موجود هو. ذريعن موجب 25 منٽن جي ڳالهه ٻولهه بعد ڪافي خوش ۽ رليڪس نظر آيو. ان کان اڳ پي ٽي آءِ جي چيئرمين گوهر خان ميڊيا سان ڳالهائيندي حڪومت کي اپيل ڪئي ته باني پٽن سان ڳالهه ڪرايو ۽ ڀيڻن کي ملاقات جي اجازت ڏيو. ٻئي پاسي رانا ثناءُ الله چيو آهي ته باني جا پٽ ملاقات ڪرن چاهين ٿا ته اها ٿي ويندي پر جيڪڏهن هو ڪا مهم هلائڻ جي موڊ ۾ آهن ته پوءِ پرڏيهي وزارت کان اجازت وٺڻي پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو