عمران خان ملڪ کي مارشل لا  کان بچايو: فواد چوڌري

عمران خان ملڪ کي مارشل لا کان بچايو: فواد چوڌري

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان ملڪ کي مارشل لا کان بچايو آهي.فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن عمران خان صدر عارف علوي کي سمري تي صحيح ڪرڻ جو نه چئي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها.هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوه پي ٽي آءِ جي غير معمولي حمايت ڪئي پر مشڪلاتون به پيدا ڪيون.هن چيو ته پي ٽي آءِ نه ٿي چاهي ته فوج جي نئين قيادت سان ڪو مسئلو پيدا ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو