عمران خان فوج ۽ آءِ ايس آءِ کي ٽائيگر فورس بنائڻ چاهي ٿو، بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان تبديلي نه پر تباهي آندي آهي، هي فوج ۽ آءِ ايس آءِ کي به ٽائيگر فورس بنائڻ گهري ٿو پر جيالا ايئن ڪرڻ نه ڏيندا. اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ 18 آڪٽوبر 2007 تي پيش آيل ڪارساز سانحي جي ياد ۾ منعقد ڪيل جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. 12 ربيع الاول جي ڪري هڪ ڏينهن اڳ جلسي جو فيصلو ٿيو جنهن جو پنڊال جناح باغ ۾ سجايو ويو. هن چيو ته نومبر ۾ پيپلز پارٽي جو يوم تاسيس خيبر پختونخواه ۾ ملهايو ويندو. هن عمران خان تي ڀرپور تنقيد ڪندي چيو ته هن عوام جو جيئڻ محال ڪري ڇڏيو آهي. مهانگائي جو طوفان برپا ڪري عوام کان ماني ڳڀو به کسي ورتو آهي. هن چيو ته پناما ۽ پينڊورا پيپرز ۾ خان جا دوست شامل هئا انهن خلاف ڪو ايڪشن نه ٿيو پر خورشيد شاهه هجي، چوڌري ياسين يا بابل ڀيو هو جيلن ۾ آهن صدر زرداري سميت اڪثر اڳواڻڻ تي ڪوڙا ڪيس آهن جيڪي اڄ تائين ٽابت نه ڪري سگهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو