اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب، ايف آءِ اي ۽ پوليس کان عمران خان خلاف داخل ڪيسن جي تفصيل طلب ڪري ورتي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اعظم خان نيب، پوليس ۽ ايف آءِ اي جي ڪارروائي روڪڻ لاءِ عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران وڪيل سلمان صفدر، عمران خان جون ڀينرون ۽ نيب آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل لارجر بينچ جي جوڙجڪ جي درخواست ڪئي، جڏهن ته نيب عملدارن ان جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته درخواست ۾ اهڙو ڪو به بنياد ناهي جنهن جي بنياد تي لارجر بينچ ٺاهيو وڃي.اسپيشل پراسيڪيوٽر نيب عدالت کان وقت ڏيڻ، عمران خان خلاف ڪيسن جي تفصيل فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي عمران خان جي وڪيل چيو ته ڌرين کي 7 ڏينهن جو وقت ڏيو، بعد ۾ عدالت نيب، ايف آءِ اي ۽ پوليس کان عمران خان خلاف داخل ڪيسن جي تفصيل طلب ڪئي.










