عمران خان خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جي درخواست خارج

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ عمران خان خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.بلوچستان هاءِڪورٽ جي چيف جسٽس هاشم ڪاڪڙ ۽ جسٽس شوڪت رخشاڻي تي ٻڌل بئنچ پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ اِها درخواست وڪيل امان الله ڪنراڻي طرفان داخل ڪئي وئي هئي جنهن تي ٻڌڻي دوران عدالت درخواسگزار جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌايو.عدالت طرفان عمران خان خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جي درخواست عدالتي اختيارن جي دائري ۾ نه هئڻ سبب خارج وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو