عمران خان جي گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ درخواست داخل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان مختلف ڪيسن ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ وفاقي حڪومت ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت ڌرين کي درخواستگذار جي گرفتاري کان روڪي، عدالت عمران خان جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان خلاف سياسي انتقام جو نشانو بڻائي ڪيس داخل ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو