لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جناح هائوس حملي ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ڀاڻيجي شير شاهه کي ضمانت ڏئي ڇڏي آهي. جج منظر علي گل ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندي شير شاهه جي آزادي جو حڪم ڏنو. عدالتي حڪم موجب، شير شاهه جي ضمانت جي درخواست هڪ لک رپين جي ضمانتي مچلڪن تي منظور ڪئي وئي آهي، جيڪي جمع ڪرائڻ تي کيس آزاد ڪيو ويندو. پوليس کيس جناح هائوس حملي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو، جيڪو 9 مئي 2023 جي واقعن کان پوءِ درج ٿيل وڏن ڪيسن مان هڪ آهي. ياد رهي ته لاهور جي جناح هائوس ۾ توهين ۽ باهه جي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ جي درجنين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي نامزد ڪيو ويو هو. هن ڪيس ۾ ڪيتريون ئي گرفتاريون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته مختلف جوابدارن کي ضمانت به ملي چڪي آهي.










