اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير مليحه لوڌي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پرڏيهي سازش واري بيان تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي. مليحا لوڌي چيو ته عمران خان جي پرڏيهي پاليسي ۾ ڪجهه به ناهي جنهن سان آمريڪا ناراض ٿئي ته هو سازش ڪري، پرڏيهي سازش جي ڪا به حقيقت ناهي.اڳوڻي سفير چيو ته سازش ۽ مداخلت ۾ فرق هوندو آهي، سفارتي خط و ڪتابت ۾ سخت ٻولي استعمال ٿيندي آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته سازش ٿي رهي آهي.










