عمران خان جي وڊيو لنڪ حاضري بابت ايس او پيز جاري

عمران خان جي وڊيو لنڪ حاضري بابت ايس او پيز جاري

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جي وڊيو لنڪ پيشي بابت نوان ايس او پي جاري ڪيا آهن. عدالتي حڪم موجب ڪو به شخص وڊيو لنڪ ڪارروائي رڪارڊ نه ڪري سگهندو ۽ عدالت اندر موبائل فون يا ٻيا رڪارڊنگ ڊوائيس کڻي وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. حڪم ۾ چيو ويو آهي ته وڊيو لنڪ ذريعي ڪارروائي جي رڪارڊنگ صرف عدالت ڪري سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪو ان کي رڪارڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ان خلاف فوجداري قانونن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.عدالتي حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وڊيو لنڪ ڪارروائي جو ٽرانسڪرپٽ به ڪنهن به شخص کي فراهم نه ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو