عمران خان جي هدايت سامهون رکندي حڪمت عملي جو اعلان ڪندس: قريشي

عمران خان جي هدايت سامهون رکندي حڪمت عملي جو اعلان ڪندس: قريشي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان جي هدايت سامهون رکندي حڪمت عملي جو اعلان ڪندس. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اسلام آباد وڃي رهيو آهيان، سينئر ليڊرشپ ۽ 6 رڪني ڪميٽي جو اجلاس گهرايو آهي. هن چيو ته عوام کي نڪرڻو پوندو ۽ هن چور ٽولي جو مقابلو ڪرڻو پوندو، سڀني کي چوان ٿو ته گهرن مان نڪرو، اسان کي ڪنهن تي حملو ناهي ڪرڻو ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان ناهي پهچائڻو. سندس چوڻ هو ته اسان کي پرامن جدوجهد ڪرڻي آهي، ان جبر خلاف سڄي ملڪ ۾ نڪرڻو پوندو، عمران خان جي هدايت سامهون رکندي حڪمت عملي جو اعلان ڪندس.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو